حامد علي مرزا

حامد علي مرزا

حامد علي مرزا

حامد علي مرزا: مرزا حامد علي ولد مرزا علي نواز بيگ ڪربلائي، 19 مارچ 1925ع تي ٽنڊي آغا، حيدرآباد جي علمي ۽ ادبي گهراڻي ۾ جنم ورتو، ابتدا ۾ قرآن پاڪ ۽ فارسيءَ جي تعليم پنهنجي خاندان جي بزرگن خاص ڪري مرزا قربان علي بيگ وٽ حاصل ڪيائين ۽ ان کانپوءِ نور محمد هاءِ اسڪول مان انگريزي تعليم ورتائين. هن تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 1939ع کان 1959ع تائين مختلف سرڪاري کاتن ۾ ملازمت اختيار ڪئي. چوڏهن سالن جي عمر ۾ شاعري شروع ڪيائين. شاعريءَ ۾ مرثيا، سلام، نوحا، غزل، حمد، نعت، رباعي، قصيدي جي صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين. شعر ۾ شيخ محمد ابراهيم خليل کان اصلاح ورتائين ۽ مرزا بخش علي بيگ ’ڪوثر‘ کان شاعريءَ جو علم سکيو. سرڪاري ملازمت ۾ هن جي طبيعت نه لڳي، ان ڪري 1959ع ۾ ملازمت ڇڏي. 1960ع کان 1991ع تائين حيدرآباد جي ٽالپر حڪمران گهراڻي وٽ ملازم ٿي رهيو. اڪثر مشاعرن ۾ خاص ڪري بزم خليل جي مشاعرن ۾ شرڪت ڪندو هو. مرزا صاحب شاعريءَ کانسواءِ محرم جي عزاداريءَ جي ڏينهن ۾ مرثيا خواني ۽ سوز خواني ڪندو هو. خطاطي (خوش خطي) ۾ به کيس وڏي مهارت حاصل هئي، هن جي ڪلام جو ’ڪليات حامد‘ مرزا، فياض علي بيگ مرتب ڪيو ۽ سندس مختصر سنڌي ڪلام مرزا فتح علي بيگ شاهد ترتيب ڏنو، جيڪو سندس وفات کانپوءِ 1994ع ۾ گلشن پبليڪيشن حيدرآباد ڇپائي پڌرو ڪيو. سنڌ جي هن نامور شاعر، ڊسمبر 1991ع تي وفات ڪئي، سندس تدفين ٽنڊي آغا جي اباڻي قبرستان ۾ ڪئي وئي.


لفظ حامد علي مرزاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.03.19  عيسوي

مرزا حامد علي ولد مرزا علي نواز بيگ ڪربلائي، 19 مارچ 1925ع تي ٽنڊي آغا، حيدرآباد جي علمي ۽ ادبي گهراڻي ۾ جنم ورتو،


1991.00.00  عيسوي

سنڌ جي هن نامور شاعر، ڊسمبر 1991ع تي وفات ڪئي، سندس تدفين ٽنڊي آغا جي اباڻي قبرستان ۾ ڪئي وئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شير محمد راهوجو
خديجه مستور
اچل پرساد سوامي
ٺٽوي سيد احمد
ڀنڀاڻي نارائڻداس ميوارام
عربي ڳاهو
بالميڪي/والميڪي
مير يار محمد ٽالپر
عارف سنائي مخدوم
پرهياڙ محمد صديق
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون